- Advertisement -
پاڪستان، افغانستان کان بنون حملي ۾ ملوث دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته بنون ڪينٽ تي افغان دهشتگردن حملو ڪيو، پاڪستان پنهنجي خدشن کان افغان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان کي پنهنجي ڌرتي تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته حافظ گل بهادر گروپ ۽ ٽي ٽي پي پاڪستان خلاف افغان ڌرتي استعمال ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان، افغان اختيارين کي بنون ڇانوڻي تي حملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، افغانستان کي پنهنجي ڌرتي تي موجود دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ بار بار چيو آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان پنهنجي خدشن بابت افغان اختيارين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هو افغان حڪومت کان مطالبو ڪن ٿا ته ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ڪري.
هن چيو ته افغان عبوري حڪومت مستقبل ۾ اهڙن حملن کي روڪڻ يقيني بڻائي، بنون ڪينٽ جهڙا حملا ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علاقائي استحڪام کي نقصان پهچائن ٿا.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جهڙن دهشتگردن جي موجودگي علاقائي امن لاءِ سنگين خطرو آهي، عبوري حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي عوام جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان غزا ۾ جاري اسرائيلي ظلم جي مذمت ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير 22 جولاءِ تي پاڪستان ايندو.- Advertisement -
