تازه ترين

پاڪستان، افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي پناهگاهن تي آپريشن

پاڪستان، افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي پناهگاهن تي آپريشن ڪيو آهي، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ڪارروائي جو حدف حافظ بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد هئا، اهِي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان اندر دهشتگرد حملن جا ذميوار آهن، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ۽ سهڪار پاڪستان لاءِ ترجيح رهي آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان اختيارين کي هاڪاري ڳالهين لاءِ چيو.

پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته صبح پاڪستان جي افغانستان اندر سرحدي علائقن ۾ ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي دهشتگردن خلا ف ڪارروايون ڪيون.

هن چيو ته ڪارروائي جو حدف حافظ بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد هئا، اهِي ڪالعدم ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪستان اندر دهشتگرد حملن جا ذميوار آهن.

پرڏيهي ترجمان چيو ته انهن دهشتگردن سبب سوين شهري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شهيد ٿيا آهن، تازو حملو سورهن مارچ تي اتر وزيرستان ۾ مير علي جي سڪيورٽي پوسٽ تي ٿيو، جنهن ۾ ست جوان شهيد ٿيا.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ٻن ورهين دوران پاڪستان ڪيترائي  ڀيرا افغانستان  اندر ٽي ٽي پي سميت دهشتگرد تنظيمن جي موجودگيءَ  بابت افغان عبوري حڪومت کي پنهنجن سنگين خدشن کان آگاهه ڪيو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته اهي دهشتگرد پاڪستان جي سلامتي  لاءِ سخت خطرو آهن، اهي پاڪستاني حدن ۾ دهشتگرد حملن لاءِ مسلسل افغان ڌرتي استعمال ڪندا رهيا آهن.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان افغانستان جي خودمختياري ۽ علائقائي  سالميت کي انتهائي اهميت ڏيندو آهي،  ان ڪري دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ سدائين ڳالهين ۽ سهڪار کي ترجيح ڏني.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان افغان عوام  لاءِ   وڏو احترام رکي ٿو، افغانستان ۾ اقتدار ۾ موجود ڪجهه عنصر ٽي ٽي پي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته افغانستان ۾ اقتدار ۾ موجود ڪجهه عنصر ٽي ٽي پي کي پاڪستان خلاف پراڪسي طور استعمال پيا ڪن.

پرڏيهي ترجمان چيو ته ٻن ورهين دوران پاڪستان افغان ڌرتي تي دهشتگردن جي محفوظ ٿاڪن بابت ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ افغان عبوري حڪومت کي آگاهه ڪيو.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته افغان ڌرتيءَ تي موجود دهشتگردن جي ٿاڪن سبب سوين پاڪستان شهري ۽ اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن.

سندس چوڻ هوته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ۽ سهڪار پاڪستان لاءِ ترجيح رهي آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان اختيارين کي هاڪاري ڳالهين لاءِ چيو.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغان  اختيارين تي زور ڀريو ته اهڙا پختا قدم کنيا وڃن جيئن افغان ڌرتي دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.

ممتاز زهرا بلوچ چيو ته بار بار افغان قيادت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي جي قيادت کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون