پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته پاڪستاني حدن ۾ ڪنهن به ٻئي ملڪ جي اڏاوت قبول ناهي، پاڪستان سمورا ٻطرفا مسئلا ۽ خدشا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان پنهنجي ڌرتي اندر ڪنهن به ٻئي ملڪ جي اڏاوت قبول نه ٿو ڪري سگهي، طور خم بارڊر جي صورتحال تي افغان پرڏيهي وزارت جو بيان حيران ڪندڙ آهي.
هن چيو ته افغان حڪومت بارڊر بند ٿيڻ جا سبب چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي، پاڪستان حدن اندر افغان عمارت جي اڏاوت ملڪي خودمختياريءَ جي ڀڃڪڙي آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته 6 سيپٽمبر تي افغان فوجين پرامن حل بدران پاڪستاني چوڪين تي بنا جواز فائرنگ ڪئي ۽ طور خم بارڊر جي ٽرمينل کي نقصان پهچايو.
هن چيو ته بنا جواز فائرنگ پاڪستاني ۽ افغان شهرين جي حياتي خطري ۾ وڌي، جڏهن کين ڍانچي جي اڏاوت کان روڪيو ته هنن ڇتي فائرنگ ڪئي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ان قسم جون ڀڃڪڙيون ۽ بنا جواز فائرنگ قبولڻ جوڳي ناهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي تجزياتي ٽيم به پنهنجي رپورٽ ۾ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته افغان سرحد تي مقرر فوجين طرفان مسلسل بنا جواز اڳرائين باوجود صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني.
هن چيو ته پاڪستان سمورا ٻطرفا مسئلا ۽ خدشا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ٻئي ملڪ اقتصادي رابطن ۽ انهن جي نتيجي ۾ خوشحالي جو فائدو کڻي سگهن.
پرڏيهي ترجمان چيو ته هو اميد ٿا ڪن ته افغان عبوري حڪومت پاڪستان جا خدشا ذهن ۾ رکندي پاڪستان جي علائقائي سلامتي جو احترام ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف دهشتگرد حملن لاءِ لانچنگ پيڊ طور استعمال نه ٿئي