- Advertisement -
پاڪستاني وفد ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري ملڪ ۾ مالياتي استحڪام لاءِ حڪومتي ڪوششن تي روشني وڌي.
واشنگٽن ڊي سي ۾ ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاسن جي موقعي تي ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد الواريز اينڊ مارسل جي وفد سان ملاقات ڪئي.
الواريز اينڊ مارسل جي وفد جي قيادت اسٽيٽ بينڪ جو اڳوڻو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ڪئي، ملاققات جي موقعي تي اندروني ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۽ ٻاهرن قرضن تائين رسائي بحال ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪيو ويو.
پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ايم سي ڊي جهاد ازور سان به ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستاني وفد آءِ ايم ايف جي لاءِ مسلسل حمايت خاص طور تي تازو منظور ڪيل 7 ارب ڊالر جي فنڊ جي سهولت تي ٿورا مڃيا.
ان موقعي تي پاڪستاني وفد حڪومت جي مالي استحڪام، روينيو ۾ واڌ، توانائي، پبلڪ سيڪٽر سڌارن ۽ پاڪستان کي استحڪام کان ترقي ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوششن تي روشني وڌي.
ملاقات ۾ آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر پاڪستان کي فنڊ پروگرام جي ڪامياب شروعات تي مبارڪباد ڏني ۽ سڌارن کي جاري رکڻ تي زور ڏنو.- Advertisement -
