تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

26هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ بابت جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ دلچسپ رمارڪس ڏنا

- Advertisement -
26هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ بابت جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ دلچسپ رمارڪس ڏنا آهن. موسمياتي تبديلي اٿارٽي قائم ڪرڻ بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جي ايڊيشنل اٽارني جنرل سان دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس منصور علي شاهه  پڇاڻو ڪيو ته موسميات تبديلي جي چيئرمين جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اڃا نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو. جسٽس منصور سوال ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اٽارني جنرل سڄي رات مصروف رهيو، ان ڪري ناهي آيو. جسٽس منصور علي شاهه مـُـرڪندي چيو ته هاڻي ته سموريون مصروفيتون ختم ٿي چڪيون هونديون، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي اٽارني جنرل پيش ٿئي. مسابقتي ڪميشن بابت هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻيءَ دوران جسٽس منصور علي شاهه آئيني بئنچ جو ذڪر ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه سوال ڪيو ته  ڇا هي ڪيس هاڻي آئيني بئنچ ڏانهن ويندو يا هو ٻـُـڌي سگهن ٿا؟ هاڻي لڳي ٿو ته سپريم ڪورٽ ۾ روزانو اهو سوال اٿندو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٽن هفتن تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي پئي وڃي،  تيستائين صورتحال واضح ٿي ويندي، هونئن به کين پاڻ کي سمجهڻ ۾ وقت لڳندو. جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنو ته نئين ترميم پڙهو، آرٽيڪل 199 وارو ڪيس هتي نه ٿو ٻــُڌي سگهجي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
13 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
14 %
1.5kmh
2 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون