تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستاني ڪرڪيٽر احمد شهزاد ٽيم جي مشهور رانديگرن بابت هڪ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستاني ڪرڪيٽر احمد شهزاد پاڪستان جي موجوده ٽيم جي مشهور رانديگرن بابت هڪ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف 120 رنسن جو هدف حاصل نه ڪرڻ تي پاڪستاني رانديگر خاص طور تي بيٽسمين سخت تنقيد جو شڪار آهن. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد چيو ته جڏهن به ڪنهن وڏي ٽيم خلاف ميچ ٿيندي آهي ۽ پريشر وڌي ويندو آهي ته بابر اعظم ۽ محمد رضوان به ان ئي انداز ۾ آئوٽ ٿي ويندا آهن. هن چيو ته اسان ڪڏهن به نون رانديگرن کي تربيت نه ڏني آهي، دنيا ۾ نوان رانديگر تيار ڪيا ويندا آهن، پر هتي نون آيلن کي ڍال طور استعمال ڪيو ويو، اعظم خان ۽ صائم ايوب خلاف مهم هلائي وئي، ان جو سمورو ملبو مٿس اڇلايو، جنهن کانپوءِ ماڻهو مٿس تنقيد ڪندا آهن. احمد شهزاد چيو ته انهن ئي ماڻهن اهڙيون خبرون پکيڙيون ته بابر اعظم روئي رهيو آهي، رضوان ٽن ڏينهن کان ماني نه کاڌي آهي، شاداب چئن ڏينهن کان ننڊ نه ڪئي آهي، اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو، شاپنگ ٿيندي رهندي آهي، آئون به ان ئي ٽيم سان تعلق رکان ٿو ، اهي سڀ ڳالهيون عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ هونديون آهن. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد بابر اعظم ۽ محمد رضوان تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته حقيقت اها آهي ته ٻنهي رانديگرن گذريل 4-5 سالن ۾ سوشل ميڊيا تي پئسو خرچ ڪري پنهنجو قد وڌايو ۽ ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙوڌي آهي..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.3 ° C
20.3 °
20.3 °
23 %
2.1kmh
60 %
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون