تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان افغانستان ۾ جديد هٿيارن جي دستيابيءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان افغانستان ۾ جديد هٿيارن جي دستيابيءَ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي افغانستان ۾ دستياب جديد هٿيارن تي ڳڻتي آهي، افغانستان ۾ جديد هٿيار دهشتگردن جي هٿ اچي ويا آهن ۽ هٿيارن سان پاڪستان ۽ سندس سڪيورٽي ادارن تي حملا ڪيا پيا وڃن.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ سرحد امن جي سرحد هئڻ گهرجي جيڪڏهن پاڪستان طرفان سرحد بند ڪئي وئي آهي ته ان جو سبب سڪيورٽي جي سنگين صورتحال آهي، هو افغان حڪومت سان ان بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته چترال حملي ۽ صورتحال بابت افغان اختيارين سان پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي، ان صورتحال ۾ گهرو کاتو ۽ لاڳاپيل ادارا تفصيل ڏئي سگهن ٿا.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ اهم لاڳاپا آهن ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي وفدن ۾ ڳالهيون به ٿيون آهن، ڀارتي قيادت پاڪستان بابت تبصرن بدران پنهنجي چئلينجز تي ڌيان ڏئي ۽ ڀارتي قيادت پاڪستان بابت غير ضروري بيانن جو سلسلو ختم ڪري.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
28 %
1.3kmh
39 %
آچر
24 °
سُومر
29 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون