پاڪستان ايشياڪپ جي سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلايشي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 38 ڏهائي 4 اوورن ۾ 193 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
بنگالي ٽيم طرفان مشفقر الرحيم 64، ۽ ڪپتان شڪيب الحسن 53 رنسون ٺاهي ناميان رهيا.
پاڪستان طرفان حارث رئوف 4، نسيم شاهه 3، شاهين آفردي، فهيم اشرف ۽ افتخار احمد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
بنگلاديش طرفان مليل 194 رنسن جو حدف قومي ٽيم 39 ڏهائي 3 اوورن ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
پاڪستان طرفان امام الحق 78، محمد رضوان 63، فخر خمان 20 بابر اعظم 17 ۽ آغا سلمان 12 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان تسڪين احمد، شروف الاسلام ۽ مهدي حسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. شاندار بالنگ تي حارث رئوف کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.