پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين خلاف سائفر ڪيس ۾ ٻڌڻي اڄ اٽڪ جيل ۾ ٿيندي.
چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي جو نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت جاري ڪري ڇڏيو.
قانون واري وزارت موجب، سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڄ جج ابوالحسنات ذوالقرنين سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪندو.
قانوني واري وزارت موجب، سائفر ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ گهرو وزارت سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو اهو ئي ڪارڻ آحي جو ٻڌڻي جيل ۾ مقرر ڪئي وئي.
ذريعن جو چوڻ آحي ته سائفر ڪيس ۾ اڄ چيئرمين پي ٽي آءِ جو جوڊيشل ريمانڊ مڪمل ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي اڄ جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويندو.
هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف، پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته آئين هر شهري کي شفاف ٻڌڻي جو بنيادي حق ڏئي ٿو…….