تازه ترين

پاڪستان  جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، 2050ع تائين آبادي ٻيڻي ٿيڻ جو خدشو آهي : آدمشماري رپورٽ

- Advertisement -
شماريات کاتي جي ستين ڊجيٽل آدمشماري جي رپورٽ ۾ پاڪستان جي آبادي 2050 تائين ٻيڻي ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو پنجون وڌيڪ آبادي وارو ملڪ آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته  پاڪستان  جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، 2050ع تائين آبادي ٻيڻي ٿيڻ جو خدشو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 90 هزار آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ آباد افغانين جو انگ 19 لک 23 هزار کان وڌيڪ آهي، ڪي پي ۾ 9 لک 39 هزار،  پنجاب ۾  3 لک 10 هزار، سنڌ ۾ هڪ لک 45 هزار افغان شهري آباد آهن. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل ستين ڊجيٽل آدمشماري جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته  ڪي پي جي آبادي 4 ڪروڙ 8 لک 6 هزار آهي، جڏهن ته پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 9 هزار۽ سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 57 لک آهي. چيف شماريات نعيم الظفر موجب ملڪ جي صوبائي راڄڌانين ۾ وڌيڪ آبادي آهي، ڪراچي جي آبادي 2 ڪروڙ 40 لک آهي، جڏهن ته لاهور جي آبادي هڪ ڪروڙ 30 لک، پشاور جي آبادي 47 لک ۽ ڪوئٽا جي آبادي 25 لک ٿي وئي آهي. شماريات کاتي جي انگ اکرن موجب فيصل آباد جي آبادي 36 لک 90 هزار، راولپنڊي جي آبادي 33 لک، ملتان جي آبادي 26 لک آهي جڏهن ته  مردان جي 27 لک، سوات جي 26 لک، صوابي جي آبادي 18 لک ۽ چارسده جي آبادي 18 لک آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حيدرآباد جي آبادي 19 لک، جڏهن ته سکر ۽ لاڙڪاڻي جي آبادي 5-5 لک آهي. رپورٽ موجب بلوچستان جي شهر ڪيچ جي آبادي 10 لک، خضدار جي آبادي 9 لک، پشين جي 8 لک ۽ لسٻيلا جي 6 لک آهي. چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم الظفر ٻڌايو ته هن سروي ۾ پهريون ڀيرو معذور ماڻهن جي ڊيٽا به گڏ ڪئي وئي، جنهن موجب پاڪستان  جي ٽوٽل آبادي جو 3ڏهائي 10 سيڪڙو معذور آهن، 3 ڏهائي 30 سيڪڙو مرد ۽ 2 ڏهائي 88 سيڪڙو عورتون معذور آهن. چيف شماريات ڊاڪٽر نعيم الظفر ٻڌايو ته ملڪ ۾  آبادي جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، آبادي ۾ اضافو مستقبل ۾ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 68 سيڪڙو مرد ۽ 53 سيڪڙو عورتون پڙهيل لکيل آهن، 5 کان 16 سالن تائين 2 ڪروڙ 53 لک 70 هزار ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. رپورٽ موجب ملڪ ۾ 29 ڏهائي 75 سيڪڙو مرد غيرشادي شده آهن، شادي شده ماڻهن جي شرح 65 ڏهائي 97 سيڪڙو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
40 %
3.1kmh
69 %
جمعو
26 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون