تازه ترين

پهرين مرحلي ۾ ڄام صادق پل کان شاهه فيصل ٽائون تائين ٽريڪ مڪمل ڪيو وڃي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان ملير ايڪسپريس وي جي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته  پهرين مرحلي ۾ ڄام صادق پل کان شاهه فيصل ٽائون تائين ٽريڪ مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ملير ايڪسپريس وي جي ڪم جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ضياالحسن لنجار، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي  حسن نقوي سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملير ايڪسپريس وي جي پهرين مرحلي تي ڪم تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڄام صادق پل کان شاهه فيصل ٽائون تائين 15 ڪلو ميٽر ٽريڪ کي مڪمل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته سندس آگسٽ جي آخر يا سيپٽمبر ۾ ملير ايڪسپريس وي کولڻ جي خواهش آهي، ملير ايڪسپريس وي ائيرپورٽ جو هڪ متبال روٽ به قائم ڪيو ويندو. اجلاس دوران مراد علي شاهه  ڪمشنر ڪراچي کان 15 ڏينهن ۾  ري ڪليم زمين جي سروي رپورٽ پڻ طلب ڪئي. وڏي وزير چيو ته  هو ڪنهن  کي به رڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
30.1 ° C
30.1 °
30.1 °
33 %
2.9kmh
39 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون