- Advertisement -
جرمن قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊريگر لوٽز چيو آهي ته پاڪستان جي ريلوي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي.
ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جرمن قونصل جنرل چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ هو هتي آيو آهي، پاڪستان ريلوي نظام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته پاڪستان خوش نصيب آهي ڇو ته ريلوي جو اهو نظام هتي موجود آهي، هن ملڪ ۾ گهڻي صلاحيت آهي.
سندس چوڻ هو ته گاڏين کان هٽي ڪري ريل جو سفر ماحول دوست به آهي، هو حيدرآباد کانپوءِ ٿرپارڪر ويندو.
جرمن قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊريگر لوٽز چيو ته پاڪستان جي ريلوي ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته سولر پينل جي ڪجهه پراجيڪٽس جو معائنو به ڪندا.
جرمن قونصل جنرل چيو ته وٽن ست هزار کان مٿي پاڪستاني شاگردآهن، جيڪا ڳالهه سندن لاءِ فخرجوڳي آهي..- Advertisement -
