تازه ترين

بحريا ٽائون ۾ 17 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ ملڪ رياض سميت ڏهن جوابدارن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

- Advertisement -
ڪراچي جي احتساب عدالت بحريا ٽائون ۾ 17 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ بابت ريفرنس ۾ ملڪ رياض سميت ڏهن جوابدارن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اڳوڻو ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر ڪاڪا ۽ ٻيا جوابدار ڪورٽ ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جاچ آفيسر چيو ته ملڪ رياض، احمد علي رياض، زين ملڪ، وقاص، وسيم، فيصل سرور قريشي، محمد اويس ۽ ٻين جوابدارن عدالتي نوٽيس تي ناهي ڪيو. عدالت ۾ جاچ آفيسر وقار انور چيو ته ملڪ رياض راولپنڊي ۾ داخل ڪيل ريفرنس ۾ روپوش آهي. وڪيل شوڪت حيات چيو ته نشاط، شعيب ۽ مصتفيض سميت چار جوابدار ضمانت تي آهن. درخواست ڏيندڙ محمود اختر نقوي چيو ته هو هِن ڪيس ۾ فريادي آهي، مهرباني ڪري کيس ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن. عدالت جوابدارن کي ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي کانپوءِ، فريادي محمود اختر نقوي ۽ جاچ آفيسر وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون