پاڪستان جي مستبقل لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي : شمشاد اختر

- Advertisement -
ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر بهتري طرف وڌي رهيا آهن، پاڪستان جي مستبقل لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي، آءِ پي او سمٽ معاشي استحڪام لاءِ بهتر رستا فراهم ڪندو، ملڪي معيشيت جي بهتري ۽ استحڪام لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، سمٽ ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪ ۾ واپار بابت بهتر تجويزون ڏيندا. آءِ پي او سمٽ کي وڊيو لنڪ خطاب ڪندي ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته ڪيپيٽل مارڪيٽ جو پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، مقامي وسيلن کي متحرڪ بڻائڻ لاءِ مستحڪم ڪيپيٽل مارڪيٽ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته چئلينجز باوجود اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سڌارا آندا، مارڪيٽ جي ترقي لاءَ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جا قدم نتيجا ڏيندڙ آهن. ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته اڳتي وڌڻ لاءِ ايڪسپورٽ ۾ اضافو ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري ضروري آهي، سندن مٿان ڳريون ذميواريون آهن، ڪيپيٽل مارڪيٽ سخت وياج جي شرح تي ترقي نٿو ڪري سگهي، آءِ ايم ايف جي ٻئي قسط ملڻ سان ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرا 9 ارب ڊالر ٿي ويا آهن. هن چيو ته هلندڙ مالي سال زرعي ترقي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ جڏهن ته صنعتي ترقي 2 سيڪڙو کان وڌيڪ رهندي، ڪيپيٽل مارڪيٽ وڌيڪ وياج جي شرح ۾ بهتر پرفارم نه ڪري سگهندو. ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته پاڪستان جا معاشي انگ اکر بهتري طرف وڌي رهيا آهن، پاڪستان جي مستبقل لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ضروري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
2.5m/s
7%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون