ڪراچيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو گهربل دهشتگرد گرفتار ڪري ورتو

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو گهربل دهشتگرد گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪئي. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار دهشتگرد عبدالغفار عرف امجد کي گرفتار ڪري سندس وٽان بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار ساٿين سميت 2011ع ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حملي جي ڪوشش جو اعتراف ڪيو آهي. رينجرز ترجمان موجب، جوابدار ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي جو نيٽ منظم ڪرڻ جي ارادي سان آيو هو، جوابدار جي ٻين ساٿين جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
58%
1.7m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون