تازه ترين

پاڪستان جي پهرين پاپ گلوڪارا نازيه حسن جي وڇوڙي کي 23 ورهيه ٿي ويا

پاپ گلوڪاري ۾ ننڍي عمر ۾ نالو ڪمائيندڙ نازيه حسن 3 اپريل 1965ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي.

نازيه حسن  رڳو 15 ورهين جي عمر ۾ ڀارتي فلم ”قرباني “ لاءِ ”آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي ۾ آئي“ گانو ڳائي پاڻ مڃرايو ۽ شهريت جي بلندين تي پهچي وئي.

نازيه حسن پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات پاڪستان ٽيليويزن جي مشهور پروگرام ”سنگ سنگ چلين“ کان ڪئي جنهن ۾ سندس ڀاءُ زوهيب حسن به موجود هو.

نازيه حسن ۽ زوهيب حسن گلوڪاري سان گڏ اعليٰ تعليم به حاصل ڪئي.

نازيه حسن جي ”آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي ۾ آئي“ گاني مقبوليت جا رڪارڊ قائم ڪيا ۽ هن گاني تي کيس ڀارت جو مشهور فلم فيئر ايوارڊ به مليو.

نازيه حسن اهو ايوارڊ حاصل ڪندڙ پهرين پاڪستاني هئي، هن گاني بعد نازيه ۽ زوهيب حسن جو مشهور البم ” ڊسڪو ديواني“ جاري ٿيو.

نازيه حسن ۽ زوهيب کي فن جي نرالي خدمت جي اعتراف ۾ صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي سان به نوازيو ويو. نازيه حسن ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا هئي ۽ هن موذي مرض سبب 13 آگسٽ 2000ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون