تازه ترين

پاڪستان رينجرز سنڌ، پوليس ۽ حساس ادارن جون ذخيرو ڪندڙن ۽ غيرقانوني سرگرمين خلاف ڪارروايون

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان رينجرز سنڌ، پوليس ۽ حساس ادارن جون سنڌ ۾ عام واهپي جون شيون ذخيرو ڪندڙن، ڪچي ۾ ڏوهارين ۽ پرڏيهي ڪرنسي جو غيرقانوني ڪارروبار ڪندڙن خلاف ڪارروايون جاري آهن.

ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

حساس اداري طرفان ضلعي انتظاميا ڪيماڙي سان گڏ موچڪو ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري ڏيڍ ارب کان وڌيڪ ماليت جي ذخيرو ڪيل شين جون ساڍا چار لک کان وڌيڪ ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن.

خانپور مهر  ۾ پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن پاران  گرفتار ڪيل جوابدارن جي نشاندهي تي اڪبر سومري جي گهر تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا.

هٿ ڪيل هٿيارن ۾ اينٽي ايئرڪرافٽ گن، راڪٽ لانچر، ايس ايم جيز ۽ وڏي تعداد ۾ گوليو ن  شامل آهن.

نوابشاهه ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن زراعت کاتي ۽ پرائس ڪنٽرول عملدارن سان گڏجي ڪارروائي ڪري 830 ملين ماليت جو ذخيرو ڪيل ڀاڻ هٿ ڪري ورتو.

پاڪستان رينجرز ۽ سنڌ پوليس پاران ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران ڪيترن ئي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ رينجرز ۽ واٽر بورڊ عملدارن پاران غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف گڏيل ڪارروائي دوران 47 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
15 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
26 %
3kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون