تازه ترين

پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين 2 جو ڪامياب تجربو

- Advertisement -
پاڪستان زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل شاهين 2 جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب موجب شاهين 2 بيلسٽڪ ميزائل زمين کان زمين تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ميزائل جي ٽريننگ لانچ جو مقصد تربيت ۽ فني معيارن جو جائزو وٺڻ هو. آءِ ايس پي آر موجب اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي سينيئر آفيسرن، آرمي اسٽريٽجڪ فورسز ڪمانڊ، اسٽريٽجڪ تنظيمن جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن تربيتي لانچ جو مشاهدو ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر جنرل اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي فني مهارت ۽ ڪم کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي واڌايون  ڏنيون آهن. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس پڻ سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ڪاميابي تي مبارڪ ڏني.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
16 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون