- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌرتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، اڄوڪي ڏينهن جو مقصد ماحول جي تحفظ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي.
1970ع ۾ دنيا ۾ پهريون ڀيرو ڌرتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ ماحول جي بقا لاءِ ڪوششن جي شروعات ٿي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڌرتي جو ڏهاڙو سياره مقابلو پلاسٽڪ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد 2040 تائين پلاسٽڪ جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ آهي.
1950ع واري ڏهاڪي ۾ دنيا ۾ پلاسٽڪ جي پيداوار 20 لک ٽن هئي، جيڪا هاڻي 450 ملين ٽن ٿي وئي آهي.
گڏيل قومن پاران جاري ڪيل هڪ تحقيق موجب پاڪستان ۾ هر سال 33 لک ٽن پلاسٽڪ ڪچرو پيدا ٿئي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته پلاسٽڪ تيزي سان زمين کي گدلو ڪري رهي آهي ۽ ڪلائميٽ چينج جهڙي خطري جو وڏو سبب پلاسٽڪ آهي، پلاسٽڪ انسانن کانسواءِ سامونڊي زندگيءَ لاءِ پڻ انتهائي نقصانڪار آهي ۽ اها سڌو سنئون سندن جسم جو حصو بڻجي رهيو آهي.
ماهرن موجب، پلاسٽڪ مان ڇوٽڪاري لاءِ لازمي آهي ته جيترو ٿي سگهي پلاسٽڪ جي استعمال تي ضابطو آندو وڃي ۽ جيڪڏهن استعمال اڻٽر هجي ته ٻيهر استعمال جي قابل پلاسٽڪ تي ڀروسو ڪرڻ جي ضرورت آهي- Advertisement -
