- Advertisement -
ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.
نويڪلائي ۾ ملاقات بعد وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ٿينديون.
ڳالهين بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.
ڳالهين بعد ايراني صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم هائوس پهتو ته وزيراعظم شهباز شريف سندس مانائتو آڌر ڀاءُ ڪيو.
پاڪ فوج جي جٿي طرفان ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر سان وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو جنهن بعد ايراني صدر وزيراعظم هائوس ۾ ڌرتي جي ڏهاڙي تي پوٽو لڳايو ۽ دعا ڪئي.
ان کان اڳ اسلامي جمهوريه ايران جو صدر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتو.
وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده نور خان ايئر بيس تي ايراني صدر جو آڌرڀاءُ ڪيو، پاڪستاني ثقافت موجب ٻارڙن کين گلدستا پيش ڪيا.
ايراني خاتون اول، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ميمبر، اعليٰ عملدار ۽ وڏو واپاري وفد به ايراني صدر سان گڏ آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ايراني صدر ابراهيم رئيسي 24 اپريل تائين پاڪستان ۾ ترسندو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ايراني صدر، پاڪستاني هم منصب آصف علي زرداري، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ملاقاتون ڪندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ابراهيم رئيسي لاهور ۽ ڪراچي جو دورو پڻ ڪندو جتي هو ٻنهي صوبن جي وڏن وزيرن ۽ گورنرن سان ملاقاتون ڪندو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پاڪستان ۽ ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، واپار، مواصلات، توانائي، زراعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جو ايجنڊا هوندو.- Advertisement -
