تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس لاءِ بهترين انتظام ڪيا آهن، عالمي اڳواڻ ۽ نمائندا پاڪستان مان سٺا تاثر کڻي ويندا. عطا تارڙ جو چوڻ هو ته ايس سي او سربراهي ڪانفرنس پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، 27 ورهين بعد ڪو وڏو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي، وزيراعظم اجلاس ۾ علاقائي سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي بابت ڳالهيون ڪيون. عطا تارڙ جو چوڻ هو ته ثقافتي مٽاسٽا کي اڳتي وڌائڻ تمام ضروري آهي، ڪنهن به ملڪ جي عوام ۽ ان جي سافٽ اميج ۾ ثقافت جو اهم ڪردار هوندو آهي. هن چيو ته چائنا، منگوليا، روس ۽ ٻين ملڪن جا ڪلچر سندن ملڪ جي ڪلچر کان ڪافي جدا آهن، هنن دنيا کي محسوس ڪرايو اهي اهڙي فورم جي ميزباني ڪري سگهن ٿا. عطا تارڙ چيو ته سيڙپڪاري وڌي رهي آهي وياج جي شرح وقت سان گڏوگڏ گهٽجي رهي آهي، آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، معيشت ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي سنگهائي سهڪار تنظيم جي ميزباني جو اعزاز مليو آهي، ڪانفرنس هلي رهيو آهي، عالمي اڳواڻ ۽ وزير ڳالهائي رهيا آهن، ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، شنگهائي سهڪار تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جوائنٽ پريس ٽيڪ آئوٽ ڪندو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.8 ° C
17.8 °
17.8 °
43 %
2kmh
73 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون