تازه ترين

پاڪستان شوبر انڊسٽري جي ماڊل ۽ اداڪاره مريم نور کي پهرين پٽ جي اولاد ٿي آهي، جنهن جو اعلان هن گذريل ڏينهن ڪيو

- Advertisement -
پاڪستان شوبر انڊسٽري جي ماڊل ۽ اداڪاره مريم نور کي پهرين پٽ جي اولاد ٿي آهي، جنهن جو اعلان هن گذريل ڏينهن ڪيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي اداڪاره مريم نور پنهنجون ڪجهه خوبصورت تصويرون شيئر ڪندي پٽ جي پيدائش بابت مداحن کي آگاهه ڪيو ۽ سندس نالو به ٻڌائي ڇڏيو. هن پنهنجي پوسٽ ۾ پٽ جي پيدائش کان اڳ ڪيل فوٽو شوٽ شيئر ڪيا، جنهن ۾ کيس اڇي رنگ جي ميڪسي پهريل آهي. اداڪاره مريم نور پوسٽ جي ڪيپشن ۾ پنهنجي مداحن سان خوشخبري شيئر ڪندي پٽ جو نالو ٻڌائي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته سندس باغ جو سڀ کان قيمتي گل نکري ويو آهي، هو پنهنجي ننڍي ۽ پياري پٽ کي ڀليڪار چون ٿا، جنهن جو نالو “نائل اسماعيل آهي”. اداڪاره مريم نور پنهنجي خاندان ۽ مداحن جي انسٽا اسٽوريز کي به ري شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ اداڪاره کي اسپتال ۾ ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته هڪ تصوير ۾ سندس ننڍڙي پٽ کي به ڏسي سگهجي ٿو. اداڪاره مريم نور پنهنجي پوسٽ ۾ پٽ جي نعمت تي الله ٿورا جو شڪر ادا ڪيو، جڏهن ته مداحن ۽ ساٿي اداڪارن طرفان مريم نور ۽ سندس گهرڀاتين لاءِ مبارڪ، دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو سلسلو جاري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون