- Advertisement -
پاڪستان فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو.
فتح ٽو ميزائل جديد ترين ايويونڪس ۽ اڏام جي منفرد رفتار سان ليس آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فتح جديد ترين نيويگيشن سسٽم سان ليس ميزائل آهي، ِاهو ويپن سسٽم 400 ڪلو ميٽرن جي حد تائين حدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ٽنهي سروسز جي سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجنيئرن ڪامياب تجربي جو مشاهدو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب صدر عارف علويءَ ۽ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪامياب ميزائل تجربي تي فوجين ۽ سائنسدانن کي واڌايون ڏنيون.
چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به ڪامياب ميزائل تجربي تي فوجين ۽ سائسندانن کي واڌايون ڏنيون.- Advertisement -
