- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان محمد علي جناح ڏنو، قائداعظم جي نظريي موجب هن ملڪ کي پرڏيهي سازشن کان بچائڻو آهي.
مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته الله جي حڪم سان پاڪستان کي ايندڙ نسلن لاءِ پرامن ۽ ترقي يافته ملڪ بڻايو ويندو، کين سمورن شهيدن جي احسانن کي هميشه ياد رکڻ گهرجي.
وڏي وزير چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ايٽمي طاقت ڏني، شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي سان ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻايو.
هن چيو ته کين بهادر فوج، پوليس ۽ جمهوريت جي شهيدن کي به ياد رکڻ گهرجي، شهيدن جي قربانين سبب اڄ مستحڪم آهيون.
مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي موجوده حڪومت جي هدايت تي ملڪ جي معيشت ۽ امن امان کي بهتر بڻايو پيو وڃي.
وڏي وزير چيو ته قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي فرمايو هو ته هي ملڪ آزاد ٿي چڪو آهي، سڀني مذهبن کي پنهنجي عبادتگاهن ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت آهي.
فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم جي مذمت ڪندي وڏي وزير عالم اسلام سميت سمورن ملڪن کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ آهي ته پوءِ فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي.
غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ واري سوال تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون غيرقانوني مهاجرن جي نيڪالي واري معاملي تي متحد آهن- Advertisement -
