تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان محمد علي جناح ڏنو، قائداعظم جي نظريي موجب هن ملڪ کي پرڏيهي سازشن کان بچائڻو آهي: مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان محمد علي جناح ڏنو، قائداعظم جي نظريي موجب هن ملڪ کي پرڏيهي سازشن کان بچائڻو آهي. مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته الله جي حڪم سان پاڪستان کي ايندڙ نسلن لاءِ پرامن ۽ ترقي يافته ملڪ بڻايو ويندو، کين سمورن شهيدن جي احسانن کي هميشه ياد رکڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ايٽمي طاقت ڏني، شهيد جمهوريت بينظير ڀٽو ميزائل ٽيڪنالاجي سان ملڪ جي دفاع کي مضبوط بڻايو. هن چيو ته کين بهادر فوج، پوليس ۽ جمهوريت جي شهيدن کي به ياد رکڻ گهرجي، شهيدن جي قربانين سبب اڄ مستحڪم آهيون. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي موجوده حڪومت جي هدايت تي ملڪ جي معيشت ۽ امن امان کي بهتر بڻايو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته قائداعظم 11 آگسٽ 1947ع تي فرمايو هو ته هي ملڪ آزاد ٿي چڪو آهي، سڀني مذهبن کي پنهنجي عبادتگاهن ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت آهي. فلسطين ۾ اسرائيلي ظلم جي مذمت ڪندي وڏي وزير عالم اسلام سميت سمورن ملڪن کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ آهي ته پوءِ فلسطين ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلم جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ واري سوال تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون غيرقانوني مهاجرن جي نيڪالي واري معاملي تي متحد آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
40 %
0.5kmh
87 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون