تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پاڪستان نيو ڪليئر هٿيارن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پاڪستان نيو ڪليئر هٿيارن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون چيو آهي ته نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جو جوهري صلاحيتن سان انضمام عالمي سلامتي لاءِ وڌيڪ مونجهارا ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ نيو ڪليئر هٿيارن بابت فرسٽ ڪميٽي جي بحث دوران ڏنل بيان ۾ عثمان جدون چيو ته جوهري هٿيارن جي خاتمي ۽ ان جي جائز سببن کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي، جنهن ڪري رياستون ان هٿيارن کي حاصل ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته وڏن فوجي خطرا، غير حل ٿيل تڪرار، اثرائتي سڪيورٽي سسٽم نه هجڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل نه ڪرڻ اُهي عنصر آهن جيڪي رياستن کي ايٽمي هٿيارن ڏانهن وٺي وڃن ٿا. عثمان جدون ڀارت جو مثال ڏيندي چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ جوهري هٿيار متعارف ڪرايا، ڀارت والاريل  ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل نه ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي نائب سفير جو چوڻ هو ته فزائل مٽيريل ڪٽ آف ٽريٽي جي موجوده پاليسي کي اڳتي وڌائڻ جو وقت گذري چڪو آهي. پاڪستان زور ڏنو ته جيستائين جوهري هٿيارن جو خاتمو نه ٿو ٿئي، غير جوهري رياستن کي جوهري هٿيارن جي استعمال يا ان جي خطرن کان تحفظ ڏيڻ لاءِ هڪ قانوني معاهدو تيار ڪرڻ انتهائي اهم آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون