تازه ترين

پاڪستان نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊڪپ ۾ فاتحاڻي شروعات ڪئي

پاڪستان نيڌرلينڊ کي شڪست ڏئي ورلڊڪپ ۾ فاتحاڻي شروعات ڪئي آهي.

حيدرآباد دکن ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيڌرلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ پاڪستان کي بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني.

پاڪستان بيٽنگ جي شروعات روايتي انداز ۾ ڪئي، فخر  12 امام الحق 15 ۽ بابر اعظم 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.

ٽي وڪيٽون جلد ڪرڻ بعد محمد رضوان ۽ سعود شڪيل ذميواريءَ سان بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو.

سعود شڪيل هڪ ڇڪي  ۽  پنجن چوڪن جي مدد سان 52 بالن تي 68 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته محمد رضوان اٺن چوڪن جي مدد سان 68 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

محمد نواز 39 ۽ شاداب 32 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته شاهين آفريدي 13 ۽ حارث رئوف سورهن رنسون ٺاهيون.

ائين قومي ٽيم 49 اوورن ۾ 286 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

نيڌرلينڊ طرفان بيس ڊي لِيڊِي 4، ايڪرمن 2، آريان دت، بِيِڪ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان طرفان مليل 287 رنسن جي جواب ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم 205 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

نيڌرلينڊ طرفان نيس ڊي ليڊ 67، وڪرم جيت سنگهه 52 ۽ بِيڪِ28  رنسون ٺاهي ناميان رهيا.

پاڪستان طرفان حارث رئوف 3، حسن علي 2، شاهين  آفريدي، افتخار احمد، محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ورلڊڪپ ۾ پهرين ميچ کيڏي شاندار ففٽي ٺاهيندڙ سعود شڪيل کي ميچ جو  بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون