پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريڪا وومين خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
پاڪستان وومينز ٽيم ٽئين ٽي ٽوئنٽي ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ 6 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
پاڪستان وومينز پهريان بيٽنگ ڪندي چئن وڪيٽن جي نقصان تي 150 رنسون ٺاهيون، سدره امين ۽بسمه معروف 39-39 رنسن جي اننگز کيڏي.
ڪپتان ندا ڊار 20 بالن تي 36 ۽ شهوال ذوالفقار 18 رنسون ٺاهيون.
ڏکڻ آفريڪي وومينز ٽيم مقرر ويهن اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 144 رنسون ٺاهي سگھي.
مهمان ٽيم جي ڪپتان لاورا ولورٽ 50 بالن تي 72 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي پر هوءَ پنهنجي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگھي.
لاورا ولوارٽ کي ميچ ۽ سيريز جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو.
خيال رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وومينز ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز 8 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.