تازه ترين

پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف اڪيلي سر جنگ وڙهي رهيو آهي : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن ڪاميابي سان دهشتگرد قوتن تي ضابطو آندو، پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي خلاف اڪيلي سر جنگ وڙهي رهيو آهي. دهشتگردي جي متاثرن جي عالمي ڏينهن تي دهشتگردي جي متاثرن کي خراج عقيدت پيش ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هو سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن ۽ عوام کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو جن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن انهن خاندانن جي ڏک کي ياد ڏياريندو آهي جن جا پيارا  دهشتگردن هٿان شهيد ٿيا، پاڪستان دهشتگردن خلاف جنگ ۾ وڌي قيمت ادا ڪئي آهي. صدر جو چوڻ آهي ته دهشتگردي سبب هو  هزارين شهري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار وڃائي چڪا آهن، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي به دهشتگردن شهيد ڪيو، دهشتگردن هٿان ڪيترائي سياسي ۽مذهبي اڳواڻ شهيد ٿي چڪا آهن. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي سبب ملڪي معيشت کي اربين ڊالرن جو مالي نقصان ٿيو آهي، پاڪستان مخالف قوتون دهشتگردي جي حمايت ڪري رهيون آهن ۽ ڳجهي طريقي سان دهشتگردن کي  مالي مدد فراهم ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مخالف قوتون دهشتگرد ڪاررواين لاءِ دهشتگردن کي موڪلي رهيون آهن، قوم چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ بي مثال عزم ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي سهڪار کي مضبوط ڪرڻو پوندو، بين الاقوامي سطح تي انٽيليجنس شيئرنگ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي بنيادي سببن جو پتو لڳائڻ ضروري آهي. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته يقين آهي ته گڏجي ڪم ڪندي سڀني لاءِ هڪ محفوظ ۽ پرامن دنيا ٺاهي سگهون ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون