- Advertisement -
پاڪستان پاران بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
شان مسعود کي ڪپتان ۽ سعود شڪيل کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هو بنگلاديش اي خلاف پهرين چئن ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان شاهينن جي قيادت به ڪندا.
اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، عبدالله شفيق، محمد رضوان، ابرار احمد، ڪامران غلام، خرم شهزاد، مير حمزه، محمد علي، محمد هريره، نسيم شاهه، صائم ايوب، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، عامر جمال ۽ شاهين آفريدي شامل آهن.
ٽيسٽ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 21 کان 25 آگسٽ تائين راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.
ٻئي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.
اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي کي پاڪستان جي ريڊ بال فارميٽ ۾ هيڊ ڪوچ جي حيثيت ۾ هي پهرين ٽيسٽ سيريز هوندي.- Advertisement -
