پاڪستان پاران بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

- Advertisement -
پاڪستان پاران بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 17 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي. شان مسعود کي ڪپتان ۽ سعود شڪيل کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هو بنگلاديش اي خلاف پهرين چئن ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستان شاهينن جي قيادت به ڪندا. اسڪواڊ جي ٻين رانديگرن ۾ بابر اعظم، عبدالله شفيق، محمد رضوان، ابرار احمد، ڪامران غلام، خرم شهزاد، مير حمزه، محمد علي، محمد هريره، نسيم شاهه، صائم ايوب، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، عامر جمال ۽ شاهين آفريدي شامل آهن. ٽيسٽ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 21 کان 25 آگسٽ تائين راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي. ٻئي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين ڪراچي ۾ کيڏي ويندي. اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر جيسن گليسپي کي پاڪستان جي ريڊ بال فارميٽ ۾ هيڊ ڪوچ جي حيثيت ۾ هي پهرين ٽيسٽ سيريز هوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.6 ° C
24.6 °
24.6 °
44%
3.4m/s
27%
اڱارو
24 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °

تازه ترين خبرون