- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي چونڊ مهم جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري 14جنوري تي خيرپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.
پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختون خواهه، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ 30 کان وڌيڪ جلسن کي خطاب ڪندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 10 جنوري تي صوابي، 11 جنوري تي تاندليا والا فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري 12 جنوري تي ليه، 13 جنوري تي بهاولپور ۽ 14جنوري تي نصيرآباد کي خطاب ڪندو .
پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 14جنوري تي خيرپور ۽ 15جنوري تي لاڙڪاڻي ۾ جلسن کي خطاب ڪندو، جڏهن ته 16 جنوري تي قمبر شهدادڪوٽ ۽ 17 جنوري تي بدين ۽ سانگهڙ ۾ جلسن کي خطاب ڪندو.
پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18جنوري تي نوشهري فيروز، ميهڙ ۽ دادو ۾ جلسن کي خطاب ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري 19 جنوري تي رحيم يار خان، 20 جنوري تي ڪوٽ ادو، 21 جنوري تي لاهور ۽ 23 جنوري تي سرگوڌا ۾ جلسن کي خطاب ڪندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 25 جنوري تي لالا موسيٰ، 26 جنوري تي ملتان، 27 جنوري تي پشاور، 28 جنوري تي راولپنڊي، 29 جنوري تي ڪـُرم ۽ 30 جنوري تي ڊيره اسماعيل خان ۾ جلسن کي خطاب ڪندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻه فيبروري تي ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ جلسن خطاب ڪندو جڏهن ته ٽي فيبروري تي ميرپورخاص، چار فيبروري تي حيدرآباد ۽ پنج فيبروري تي ڪراچي ۾ جلسن کي خطاب ڪندو.- Advertisement -
