- Advertisement -
لائبيريا جي اڳوڻي عورت چيف جسٽس کي قتل جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ملي وئي
اولهه افريڪا جي ملڪ لائبيريا جي اڳوڻي عورت چيف جسٽس ۽ انصاف واري وزير کي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيدي جي سزا ٻڌائي وئي.
لائبيريا جي اڳوڻي چيف جسٽس ۽ انصاف واري وزير گلوريا مايا تي پنهنجي 29 ورهين جي ڀائٽيي جي قتل جو الزام هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب لائبيريا جي سڀ کان گهڻي مشهور جج ۽ سياستدان جي عروج کان زوال جي نشاني آهي، گلوريا ميا پنهنجي سڃاڻپ ملڪ جي عورتن جي حقن جي چيمپئن طور ٺاهي هئي.
جيل ۾ قيد 70ورهين جي گلوريا مايا فيصلي جي خلاف اپيل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ کيس اميد آهي ته رليف ملي ويندو.
گلوريا مايا فرد جرم کان انڪار ڪيو ۽ سندس چوڻ هو ته ڀائٽيي کي اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو.
جون ۾ گلوريا مايا جي گرفتاري لاءِ لائبيرين عوام کي ڌچڪو پهچايو ۽ سندس ٽرائل جون خبرون مقامي ميڊيا ۾ هليون.
گلوريا مايا لائبيريا انصاف واري وزير جي حيثيت ۾ ذميواريون نڀايون ۽ پوءِ سينيئر جج چونڊي وئي جنهن بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به بڻي ۽ 2023 ۾ رٽائرڊ ٿي وئي.- Advertisement -
