اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو جمهوريت تي پختو يقين آهي، جمهوريت باوقار ۽ مهذب معاشري جي ضمانت آهي، هي اهڙي روشني آهي جيڪا ترقي جي منزلن جو رستو ڏيکاري ٿي، پيپلز پارٽي جمهوريت خاطر ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندي.
جمهوريت جي عالمي ڏينهن تي آصف علي زرداري چيو ته پ پ قيادت ۽ ڪارڪنن جمهوريت لاءِ جدوجهد ۾ جيتريون قربانيون ڏنيو آهن ان جو سڄي دنيا جي سياسي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو سج جڏهن به اڀريو آهي ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان جي شهيدن جي رت سان اڀريو آهي.
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ نوجوانن جو ڏينهن آهي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به نوجوان آهي، هو بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪيئن نوجوانن کي اڳتي وڌايو ۽ معاشري ۾ باوقار مقام حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.
هن چيو ته بلاول پنهنجي ناني شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جو فلسفو ۽ امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۽ خوابن جي تعبير جو جذبو آهي
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته جمهوريت باوقار ۽ مهذب معاشري جي ضمانت آهي، هي اهڙي روشني آهي جيڪا ترقي جي منزلن جو رستو ڏيکاري ٿي، پيپلز پارٽي جمهوريت خاطر ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندي……..