اڳوڻي صوبائي وزير ناصر شاھ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ ٻه سال ڪورونا جي وبا رهي، هڪ سال برسات ۽ ٻوڏ تباهي مچائي، وفاقي حڪومت سندن ڪا به مدد نه ڪئي پر پيپلز پارٽي ڏکي گھڙي ۾ پنهنجي عوام سان گڏ بيٺل رهي.
روهڙي نيويارڊ ڪالوني ناز گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ناصر شاھ چيو ته ن ليگ هجي توڙي ٻيون وڏيون سياسي پارٽيون ڪنهن وٽ به ايترو عوامي مينڊٽ ناهي جيترو پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ آهي، پ پ ايندڙ اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ۽ ملڪ جو نئون وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.
سندس چوڻ هو ته پ پ پنهنجي پنجن سالن جي دور ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون، تعليمي ادارا ٺهرايا ويا، روڊ رستن سميت هر قسم جا ترقياتي رڪارڊ ڪم ڪرايا ويا اڄ هو عوام آڏو سرخو آهن.
ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هميشا چوندو هو، هو ڪنهن ملڪ کان قرض نه وٺندو، آخر ۾ ملڪ جو سودو ڪرڻ پئي ويو، 9 مئي تي پاڪ فوج جي ادارن مٿان حملا ڪرايا ويا، جنهن جو فائدو دشمن ملڪ ورتو، اڄ جيڪا ملڪ ۾ دهشتگردي آهي اهو ان حملن جو نتيجو آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ فلسطين مٿان ظلم ۽ بربريت ٿي رهي آهي، پر مسلمان ملڪ خاموش بڻيل آهن جنهن تي افسوس ٿي رهيو آهي.