تازه ترين

پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آھي ،جيڪا عوام جا مسئلا حل ڪري ٿي، نظير ڀٽو

ابراهيم حيدري ٽائون جي چيئرمين نظير ڀٽو چيو آھي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آھي جيڪا عوام جا مسئلا حل ڪري ٿي عوام  کي پاڻي، بجلي، گئس، روڊ، تعليم ۽  صحت سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون آھن.

ملير جي رزاق آباد واري علائقي امروٽي ڪالوني ۾ پ پ جي سينيئر ڪارڪنن ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي نظير ڀٽو چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ ميدان تي نڪتا آھن، هو بنا ڪنهن سياسي فرق ۽ رنگ نسل جي عوام جي خدمت جاري رکندا، عوام کي ڪنهن به صورت ۾ مايوس ٿيڻ نه گهرجي سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته هو عوام جي اعتماد تي پورو لهندا، ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سڄي ملڪ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو.

ابراهيم حيدري ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين نظير ڀٽو چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني ۽ امڙ جي نقشي قدم تي هلندي ملڪ ۽ قوم کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪندو.

هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون آهن پ پ هر ڏکي دور مان گذري آهي ۽ پيپلزپارٽي عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي.

ٽائون چيئرمين نذير ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي خلاف ماضي ۾ به ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ واويلا ڪئي وئي پر عوام پيپلزپارٽي تي اعتماد جو اظهار ڪندي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو هينئر به مخالف ڪيتري به ڪوڙي پروپيگنڊا ڪن پر کين عوام رد ڪري ڇڏيندو.

نظير ڀٽو جو چوڻ هو ته ابراهيم حيدري ٽائون کي ماڊل ۽ مثالي بنائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، ٽائون آفيسر ۽ ٽائون ميمبر گڏجي هڪ ٽيم وانگر عوام جا مسئلا ڪري رهيا آهن انشاءَالله امروٽي ڪالوني جا مسئلا حل ڪيا ويندا.

 ان موقعي تي نعمت سيٺار ۽ ٻين پڻ تقريب کي خطاب ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
66 %
2.3kmh
10 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون