پاڪستان چيمپئنز ٽرافي لاءِ هائبرڊ ماڊل رد ڪرڻ بابت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
جمعي ڏينهن ٿيل آءِ سي سي بورڊ ڊائريڪٽر جي گڏجاڻيءَ کان اڳ ئي پي سي بي رابطو ڪري آءِ سي سي کي ٻڌايو ته هو ٽورنامينٽ جي ميزبانيءَ واري موقف تي قائم آهن ۽ ان ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ کي ڀائيوار نه بڻايو ويندو.
بورڊ ذريعن چيو ته جيڪڏهن آءِ سي سي وٽ مسئلي جو قبولڻ جوڳو حل آهي ته گڏجاڻيءَ کان اڳ ئي کين آگاهه ڪري ته جيئن هو تيار ٿي اچن ۽ ڪنهن به قطعي فيصلي تائين پهچي سگهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته پاڪستاني ٽيم ڀارت وڃي کيڏي ۽ ڀارت پنهنجي ٽيم موڪلڻ کان انڪار ڪري