پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، عاقب جاويد کي وائٽ بال ٽيم جو  عبوري هيڊڪوچ مقرر

spot_img
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، عاقب جاويد کي وائٽ بال ٽيم جو  عبوري هيڊڪوچ مقرر ڪيو آهي. پي سي  بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته بورڊ جي سليڪشن ڪميٽيءَ جي سينيئر ميمبر ۽ اڳوڻي فاسٽ بالر عاقب جاويد کي چيمپئنز ٽرافي 2025ع تائين عبوري مدي لاءِ وائٽ بال هيڊڪوچ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پي سي بي موجب ان دوران مستقل هيڊ ڪوچ جي سليڪشن جو عمل به شروع ڪيو ويندو، جيڪو  چيمپئنز ٽرافي جي پڄاڻيءَ تائين مڪمل ٿي ويندو. چيمپئنز ٽرافي کانپوءِ عاقب جاويد کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ سليڪشن ڪميٽيءَ جي ميمبر کانسواءِ اضافي ذميواري به ڏني ويندي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون