تازه ترين

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف مشن ۾ گهٽ مدي واري قرض پروگرام جي جائزي لاءِ ڳالهيون جاري

عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف قومي ايئر لائن پي آءِ ايَ ۽ حڪومتي ملڪيتي ادارن کي خانگائڻ وارو پلان طلب ڪري ورتو، وفاق وٽ اين ايف سي تحت فنڊن کي گهٽ قرار ڏيندي نظرثاني جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف بي آر ٽيڪس آمدنيءَ جو پلان آءِ ايم ايف کي پيش ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف مشن ۾ گهٽ مدي واري قرض پروگرام جي جائزي لاءِ ڳالهيون جاري آهن.

ڳالهين دوران ايم بي آر ٽيڪس آمدنيءَ جو پلان آءِ ايم ايف آڏو پيش ڪيو، پاڪستان آءِ ايم ايف کي ايف بي آر سڌارن بابت به آگاهه ڪيو آهي.

ذريعن موجب ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي ٽيڪس نيٽ وڌئڻ تي ڪم ڪيو ويندو، 31 لک ريٽيلرن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جو پلان ٺاهيو ويو آهي.

آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر کي  ري اسٽرڪچر ۽ اسٽرڪچرل تبديليون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مالي سال 9 هزار 415 ارب رپيا ٽيڪس حدف حاصل ڪرڻ جي اميد آهي.

ذريعن موجب جولاءِ کان سيپٽمبر 2023تائين آءِ ايم ايف جي ٽيڪس وصولي واري شرط پوري ٿي وئي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهه ماهيءَ لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس حدف 44 سئو 25 ارب رپيا هو ۽ ايف بي آر 44 سئو 68 ارب رپيا گڏ ڪيا.

هلندڙ مالي سال جي پهرين اٺن مهينن جو هدف به حاصل ڪيو ويو آهي، هلندڙ  مالي سال ايف بي آر ڪا به ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جاري ناهي ڪئي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون