تازه ترين

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام بابت اهم اڳڀرائي

- Advertisement -
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام بابت عالمي مالياتي اداري جي ايگزيڪٽو بورڊ اجلاس مان منظوري تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ناڻي واري وزارت موجب، پاڪستان، چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي کان قرض جي مدي ۾ واڌ بابت خاطري حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ٽنهي ملڪن جي خاطري بابت آءِ ايم ايف کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته چين، سعودي عرب ۽ يو اي اي قرض جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ جي خاطري ڪرائي آهي، اها رول اوور ٽن سالن لاءِ هوندي پر هر سال نئين سر سان ڪئي ويندي. هن چيو ته هلندڙ سال دوست ملڪن کي 12 ارب ڊالر جي ٻه طرفي قرضن جون ادائگيون ڪرڻيون آهن، جن ۾ پاڪستان جي ذميواري سعودي عرب جا 5 ارب، چين جا 4 ارب ۽ يو اي اي جا 3 ارب ڊالر آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ٽن سالن ۾ 3 کان 5 ارب ڊالر تائين جي فنانسنگ گيپ پوري ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان، چين کان پاور پلانٽس لاءِ به قرض ۾ رليف جي درخواست ڪئي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس هلندڙ مهيني جي آخري ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان لاءِ 37 مهينن تي ٻڌل 7 ارب ڊالر جي قرض پروگرام جي قطعي منظوري ڏيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
50 %
3.3kmh
20 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون