- Advertisement -
تحريڪ انصاف اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي.
تحريڪ انصاف جي درخواست ۾ وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو.
تحريڪ انصاف طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ووي آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي چڪي آهي، 12 جولاءِ جي فيصلي بعد مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف جو حق آهن.
درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي اليڪشن ترميمي ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
پي ٽي آءِ طرفان درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ترميمي ايڪٽ کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏنو وڃي، اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽون ٻين سياسي پارٽين کي ڏيڻ کان فوري طور روڪيو وڃي.
درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي الاٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.- Advertisement -
