نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هميشه کان اهم رهيا آهن، معاشي بهتري پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي، پاڪستان علاقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو هميشه حامي ۽ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي، افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ استحڪام ايندو، دنيا هن وقت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي.
نيويارڪ ۾ ايشيا سوسائٽي جي تقريب کي خطاب ڪندي جليل عباس جيلاني چيو ته فورم ايشيا ۽ يورپ وچ ۾ بهتر لاڳاپن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، دنيا کي هن وقت ڪيترائي چئلينجز سامهون آهن، مسئلن جو حل اجتماعي نوعيت جي ڪوششن ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ مختلف نوعيت جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، معاشي بهتري سندن پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا هميشه کان اهم رهيا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار گڏيل لاڳاپن ۾ اهم رهيو آهي، واپاري، سيڙپڪاري، زراعت، صحت، تعليم ۽ آءِ ٽي ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار آهي، معاشي ترقي سندن ترجيحن ۾ پهرين نمبر تي آهي، پاڪستان علاقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ جو هميشه حامي رهيو آهي ۽ افغانستان ۾ جٽادار امن جو خواهشمند آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ استحڪام ايندو، هو گذريل چئن ڏهاڪن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيا آهن ۽ هر قسم جي دهشتگرد ڪاررواين جي مذمت ڪن ٿا، افغانستان جي ڌرتي دهشتگرد ڪاررواين لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته هو دهشتگردي جي ڪاررواين جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان جا چين سان تاريخي لاڳاپا آهن، چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي، سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فليگ شپ منصوبو آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته هو چين ۽ آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏين ٿا، يوڪرين جي تڪرار جو پرامن حل چاهن ٿا، پاڪستان موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان توانائي ۽ ٻيلن ۾ اضافي تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.
جليل عباس جيلاني چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ايس آءِ ايم ايف سي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، سيڙپڪارن کي آڻڻ لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهيا آهن، آءِ ٽي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن…….


