پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن جي راند برسات سبب ملتوي ڪئي وئي.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ جي ٽاس به نه ٿي سگهي.
ذريعن موجب، راولپنڊي گرائونڊ ۾ آئوٽ فيلڊ آلي هئڻ ۽ مختلف هنڌن تي پاڻي جمع ٿيڻ سبب ميچ شروع نه ڪئي وئي.
راولپنڊي گرائونڊ ۾ امپائرز ميدان جو معائنو ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ته اڄوڪي راند ختم ڪئي وئي آهي ۽ سڀاڻي کان راند جي شروعات ڪئي ويندي.