تازه ترين

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا

- Advertisement -
بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن جي ٿاڪن تي ڪارروايون ڪيون آهن، 26 آگسٽ تي دهشتگرد حملن جي پس منظر ۾ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻايون وينديون. آءِ ايس پي آر موجب، 29 ۽ 30 آگسٽ جي رات سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي بلوچستان جي ضلعي ڪيچ، پنجگور ۽ زوب ۾ آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران پنجن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو ۽ 3 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان ۾ سڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون 26 آگسٽ تي دهشتگرد حملن جي پس منظر ۾ ڪيون پيون وڃن، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جهڙي ڪريل ڏوهه ۾ ملوث دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ متحرڪ آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي جنهن جو مقصد دهشتگردن جي مدد ڪندڙن ۽ همدردن کي انجام تائين پهچائڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون