پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان،

- Advertisement -
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان، فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ڊراپ، اسپنر ابرار احمد ۽ فاسٽ بالر مير حمزا جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو، ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي جو چوڻ آهي ته  بنگلاديش خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پاڪستاني ٽيم کي هر صورت ۾ ڪم بيڪ ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيسن گليسپي چيو ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست سان مايوس ضرور آهن پر پاڪستان کي ڪم بيڪ ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ٻئي ٽيست ميچ ۾ بنگلاديش کي ٽف ٽائم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا، ابرار احمد کي 12 رڪني اسڪواد ۾ ڪنڊيشنز کي ڏسي شامل ڪيو ويو، اڄ پچ ناهي ڏٺي سڀاڻي صبح ڪنڊيشن ڏسندو. پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو ته شان مسعود سٺو ڪپتان آهي ۽ پهرين ٽيسٽ ۾ ڊيڪلريشن به هاڪاري سيچ سان ڪئي هئي، ڪڏهن ناهي چيو ته آسٽريليا جيان پاڪستان کي کيڏڻو آهي. هن چيو ته رانديگر پاڪستان لاءِ کيڏڻ جو جوش ۽ جذبو رکن ٿا جيڪو سندس لاءِ تمام اهم ڳالهه آهي. پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو ته شاهين آفريدي هاڻي پيءُ ٿي ويو آهي ۽ هو چاهن ٿا ته شاهين پنهنجي خاندان سان وقت گذاري، شاهين آفريدي سان اظهر محمود ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شاهين ٽنهي فارميٽس جي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
37%
0.5m/s
8%
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون