- Advertisement -
ڀارت جي رڻ ڪڇ واري علائقي ۾ موجود گهٽ دٻاءُ وارو سسٽم اتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ طوفان جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب هي سسٽم پنهنجي شدت برقرار رکندي رات دير يا سڀاڻي سنڌ جي سامونڊي پٽي ويجهو اچي طوفان ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان طرفان تجويز ڪيل طوفان جو نالو اسني رکيو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي “بلند تر” ڇاڪاڻ ته چوماسي ۾ ٽائفون جو پيدا ٿيڻ تمام غيرمعمولي آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ هو ته ڪراچي کان 270 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ گهٽ دٻاءُ وارو سسٽم اڃا تائين خشڪي تي موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته گهٽ دٻاءُ واري سسٽم سبب سمنڊ ۾ تمام گهڻو چاڙهه هوندو ۽ هوائون 50 کان 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي سگهن ٿيون، ملاحن کي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
سردار سرفراز موجب 31 آگسٽ تائين ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، ٿرپارڪر، سانگهڙ، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.- Advertisement -
