تازه ترين
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام ۽ اسرائيل کان والاريل فلسطيني علائقن مان نڪرڻ جو مطا... وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان رياض ۾ ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاق... وزيراعظم شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل خطي جي سلامتي ۽ سڪيورٽي داءَ تي لڳائي ڇڏي:اسحاق ڊ... ڏکڻ ڪوريا جي صدر ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ميرپورخاص جي عدالت ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جو لاش ساڙڻ واري ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جون ضمانتون رد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو سلسلو برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 4 هزار 225 پوائنٽس جي حد پار ڪري ... شدت پسندي ۽ انتهاپسندي پي ٽي آءِ جي عادت رهي آهي: ناصر شاهه ڪي اليڪٽرڪ بجليءَ جا بل ادا نه ڪرڻ تي پاڪستان ريلوي جي بجلي ڪٽڻ شروع ڪري ڇڏي هڪ بهتر پاڪستان جي تعمير ۾ معذور ماڻهن جي ڪردار ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي : بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، عالمي برادري کي اسرائيل ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرائڻ گهرجي:ممتاز زهرا بلوچ

پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر ٽي ٽي پي سان ڳالهين جي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته  پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، عالمي برادري کي اسرائيل ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي بند ڪرائڻ گهرجي، پاڪستان فلسطينين جي خود اراديت جي حق جي جدوجهد جي حمايت ڪندو رهندو، بيلاروس جي صدر سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيون ڪيون ويون آهن.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان لبنان ۾ ٿيل جنگبندي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، عالمي برادري اسرائيل کي جارحيت ۽ نسل ڪشي تي جوابده قرار ڏئي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل جي جاري ظلم جي مذمت ڪري ٿو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو سلسلو جاري آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

هن چيو ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق ماسڪو جي دوري تي آهي، جڏهن ته بيلاروس جي صدر پاڪستان جو دورو ڪيو.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو بيلاروس جي صدر سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيون ڪيون ويون آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
6.4 ° C
6.4 °
6.4 °
55 %
2.4kmh
0 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
14 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون