- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته انٽوني بلنڪن جي پاڪستان جي پرڏيهي وزير سان جمعي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، انٽوني بلنڪن اسحاق ڊار سان ڳالهه ٻولهه ۾ مضبوط پارٽنرشپ جي تصديق ڪئي.
هن چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته دهشتگردي جي خاتمي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ملاقات ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
پاڪستاني شهرين جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت سوال جواب۾ امريڪي ترجمان چيو ته هو ان معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهن، بحث هيٺ الزامن تي هن وقت ڪوبه تبصرو نٿو ڪري سگھي.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن، پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي.- Advertisement -
