تازه ترين

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته گوادر هوائي اڏي جو ورچوئل افتتاح ڪيو ويو آهي، چيني وزيراعظم جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو.

چيني وزيراعظم لي چيانگ چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وفد سان گڏ نور خان ايئر بيس پهتو، جتي وزيراعظم شهبازشريف سندس آجيان ڪئي.

بعد ۾ چيني وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم هائوس پهتو، جتي سندس شاندار  آجيان ڪئي وئي، هٿياربند فوج جي دستن مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

وزيراعظم هائوس ۾ ٻنهي سربراهن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جنهن نيو گوادر ايئرپورٽ جي افتتاحي تقريب دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ايم او ويز تي صحيحون ڪيون ويون.

ٻنهي ملڪن وچ۾ سي پيڪ ورڪنگ گروپ، سمارٽ ڪلاسز روم، گوادر تي ستين جوائنٽ ورڪنگ گروپ، انساني وسيلن جي ترقي،  اطلاعات ۽ مواصلات، پاڻي وسيلن، غذائي تحفظ، گڏيل ليبارٽرين  ۽ ٻين شعبن بابت ايم او يوز  صحيحون ڪيون ويون.

تقريب کي خطاب ڪندي چيني وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو.

هن چيو ته گوادر علائقي ترقيءَ جي مرڪز سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستيءَ جو ثبوت به آهي، پاڪستاني عوام جي خوشحالي سندن دل جي ويجهو آهي.

وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۽ چين صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن، ٻه طرفا معاهدا ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين باب جو اضافو آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ چين جي پختي عزم جي هو ساراهه ڪن ٿا، معاشي ترقي جي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ ۾ چين نمايان ڪردار ادا ڪيو.

ان کان اڳ چيني وزيراعظم لي چيانگ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون