تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون

- Advertisement -
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته گوادر هوائي اڏي جو ورچوئل افتتاح ڪيو ويو آهي، چيني وزيراعظم جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. چيني وزيراعظم لي چيانگ چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي وفد سان گڏ نور خان ايئر بيس پهتو، جتي وزيراعظم شهبازشريف سندس آجيان ڪئي. بعد ۾ چيني وزيراعظم لي چيانگ وزيراعظم هائوس پهتو، جتي سندس شاندار  آجيان ڪئي وئي، هٿياربند فوج جي دستن مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم هائوس ۾ ٻنهي سربراهن وچ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جنهن نيو گوادر ايئرپورٽ جي افتتاحي تقريب دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ايم او ويز تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ۾ سي پيڪ ورڪنگ گروپ، سمارٽ ڪلاسز روم، گوادر تي ستين جوائنٽ ورڪنگ گروپ، انساني وسيلن جي ترقي،  اطلاعات ۽ مواصلات، پاڻي وسيلن، غذائي تحفظ، گڏيل ليبارٽرين  ۽ ٻين شعبن بابت ايم او يوز  صحيحون ڪيون ويون. تقريب کي خطاب ڪندي چيني وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته گوادر علائقي ترقيءَ جي مرڪز سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستيءَ جو ثبوت به آهي، پاڪستاني عوام جي خوشحالي سندن دل جي ويجهو آهي. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته پاڪستان ۽ چين صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن، ٻه طرفا معاهدا ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين باب جو اضافو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ چين جي پختي عزم جي هو ساراهه ڪن ٿا، معاشي ترقي جي ايجنڊا اڳتي وڌائڻ ۾ چين نمايان ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ چيني وزيراعظم لي چيانگ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن سميت علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون