تازه ترين

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد سيد سردار علي شاهه سان ملاقات ڪئي

- Advertisement -
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه سان ملاقات ڪئي. بي آءِ ايس پي جي چيئرمين سينيٽر روبينا خالد سيد سردار شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ ۾ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل تعليم کي هٿي ڏيڻ توڙي سهڪار  بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽر روبينا خالد چيو ته بينظير انڪم سرپورٽ پروگرام، اسڪل ڊولپمينٽ ۽ ٽيڪينڪل ايجوڪيشن جا مختلف پروگرام ڪري رهيو آهي ته جيئن پروگرام مان لاڀ حاصل ڪندڙ خاندانن کي مفت فني تعليم ڏئي کين پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي طرفان مالي مدد کانسواءِ خاندانن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ  سنجيده ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ملاقات دوران اسڪل ايجوڪيشن بابت ايندڙ حڪمت عملي  تيار ڪرڻ ۽ قطعي سفارشن لاءِ ورڪنگ پيپر تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بعد ۾ بي آءِ ايس پي جي چيئرمين شيرين جناح ڪالوني ۾ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول جو دورو پڻ ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
54 %
1.1kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون